نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ ۽ آس پاس وڌندڙ بدامني خلاف علائقي واسين محمد رحيم، مينھون خاصخيلي، دوست علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڄوٽو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري مين روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنتورو بازار، ٻاويھه ميل موري ۽ نئون ڪوٽ قلعو ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪيل آهي، پوليس امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، هنن چيو ته وڄوٽو پوليس جي حد ۾  چوريون روز جو معمول بڻيل آهن، هنن مطالبو ڪيو ته علائقي ۾ بدامني ختم ڪرائي وڃي، بعد ۾ ڊي ايس پي مٺي يونس بلوچ ڌرڻي واري هنڌ پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.