نئون ڪوٽ: ڪلوئي نوجوان اتحاد پاران مڪاني چونڊ جو بائيڪاٽ

0
322
نئون ڪوٽ: ڪلوئي نوجوان

نئون ڪوٽ (ن پ ا) ڪلوئي نوجوان اتحاد پاران بلدياتي اليڪشن ۾ ووٽن جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو

  اتحاد جي اڳوڻ خان غفار ، اعجاز علي، احسان الله سومرو نئون ڪوٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪلوئي نوجوان اتحاد مسلسل شهر جي بنيادي حقن، تعليم، صحت، روزگار ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ ۽ روڊن جي لاءِ گذريل 5 سالن کان جدوجهد جي ميدان عمل تي آهي، موجوده  پ پ پ حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو آهي

هنن چيو ته هن سڄي مايوس ڪُندڙ حالتن کي ڏسي ۽ بلدياتي اليڪشن ۾ بِيٺل اميدوارن ۾ ڪو اميد جو ڪِرڻو نٿو ڏسجي انهي ڪري  اسان هن  بلدياتي اليڪشن جي مڪمل بائيڪاٽ ڪريون ٿا