نئون ڪوٽ ڀرسان نوجوان ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

0
181

نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ ڀرسان رات دير سان ڳوٺ جان محمد لاشاري ۾ نوجوان ڪريم بخش لاشاري زال سان ڪاوڙجي وڻ ۾ رسو وجهي ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

ڪلوئي پوليس موجب نوجوان رات دير سان زال سان ڪاوڙجي پنهنجي گهر ڀرسان وڻ ۾ رسو وجهي ڦاهو کاڌو ته کيس وارثن ڏسي ورتو ۽ نئون ڪوٽ اسپتال آندو جتان کيس وڌيڪ علاج لاءِ مٺي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو فوت ٿي ويو

پوليس موجب فوتي نوجوان جو لاش ڳوٺ آڻڻ بعد اسان کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن بعد لاش کي ضروري ڪاريوائي بعد پوسٽ مارٽم لاءِ ڏيپلو اسپتال ريفر ڪيو،جڏهن ته معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون

ھي به پڙھندا

جيڪب آباد ويجھو ڪارنهن تهمت مڙهي ڏير پنهنجي ڀاڄائي کي ماري ڇڏيو