نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ ڀرسان مين واهه ۾ همراهه جو لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي لاش ڪڍڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ٻن ڪلاڪن بعد علائقي واسين وڄوٽو پوليس جي حد 22 ميل موري وٽان لاش ڪڍي رورل هيلٿ سينٽر نئون ڪوٽ آندو، جتي هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ ٿر جي ڳوٺ مٺڙائو دل واسي سوڍو پٽ خميسو دل طور ٿي، اطلاع تي وارثن نئون ڪوٽ اسپتال پهچي تصديق ڪئي، وارثن جو چوڻ هو ته همراهه گهگهه موري ڀرسان چوپائي مال پويان ويل هو، ٻن ڏينهن بعد فوتي جي پٽ ۽ نياڻي جي سندس ڳوٺ ۾ شادي رٿيل هئي، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي.