نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ ڀرسان پمپ تي بيٺل مسافر ڪوچ تي هٿياربندن مبينا فائرنگ ڪري ڏني،  جنهن بابت ڪوچ مالڪ اشرف ڀٽي الزام هنيو ته سندس برادري جي ماڻهن بنا جواز گهر ۽ ڪوچ تي فائرنگ ڪئي، واقعي ۾ نور حسن ڀٽي جي پٽ ۽ ڀاءُ ملوث آهن، هن چيو ته فائرنگ ۾ ڀاءُ اصغر زخمي ٿي پيو آهي، هن چيو ته مون کي اربابن جو ووٽر هجڻ ڪري هراسان ڪيو پيو وڃي، ارباب رحيم جي پٽ ارباب عنايت الله صحافين کي ٻڌايو ته هڪ پ پ اڳواڻ اسان جي ووٽرن کي هراسان ڪرڻ لاءِ فائرنگ ڪرائي رهيو آهي، هوڏانهن الزام ھيٺ آيل ڌر جي نور حسن ڀٽي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته سندس پٽ ۽ ڀاءُ تي فائرنگ ڪرڻ جو الزام ڪوڙو آھي، اشرف ڀٽي پاڻ فائرنگ ڪري اهڙو ڊرامو رچايو آهي، پوليس موجب اسان کي فائرنگ جا اطلاع مليا ته واقعي واري هنڌ پهتاسين جتي ڪو به ماڻھو موجود نه هو، فائرنگ ڪندڙ فرار ٿي ويا هئا.