نئون ڪوٽ (ن پ ا ) نئون ڪوٽ ويجھو ڳوٺ ڪوٽ ارباب مير محمد ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ  چانڊيا اليون کٽي ورتو. ٽورنامينٽ ۾ علائقي جي 8 ٽيمن حصو ورتو. چانڊيا اليون پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 6 اوورن ۾ 118 رنز جو هدف ڏنو. ارباب اليون مقرر 6 اوورن م 100 رنز ٺاھي سگھي. اھڙي طرح ارباب اليون ڇھون واٽر جي ٽيم چانڊيا اليون فائنل مئچ 18 رنز تان کٽي ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل پنھنجي نالي ڪري ورتو. ونر ٽيم جي ڪپتان خليق نھڙيو کي ڪيش رقم ۽ بيٽ انعام طور ڏني وئي.