نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ ويجهو ڳوٺ نور شاهه وٽان پراڻ ڍوري جا قدرتي لنگهه بند هجڻ سبب 30 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن ڪري علائقي جا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته نئون ڪوٽ سميت يوسي ڀٽارو ۽ يوسي سيڙھي سميت ڀرپاسي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو پڻ پيدا ٿي پيو آهي، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن عظيم چانڊيو، سڪندر علي ۽ ٻين ٻڌايو ته ڍوري جا قدرتي لنگھه بند ۽ بند مضبوط نه هجڻ ڪري گهارو لڳو آھي، برساتن سبب ڍوري ۾ پاڻي وڌي رهيو آھي، جنهن ڪري ان جي اٿلڻ جو پڻ خطرو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته پراڻ ڍوري جا بند مضبوط ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي،