نئون ڪوٽ(ن پ ا)تعلقي جهڏو جي يونين ڪائونسل باکر مان ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي پ پ جي ٽڪيٽ هولڊر اميدوار مير عرفان ٽالپر جو فارم سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بئنچ رد ڪري ڇڏيو سندس مخالف آزاد اميدوار معشوق لغاري بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ جا امڪان خبر موجب تعلقي جهڏي جي يوسي باکر مان آزاد اميدوار معشوق لغاري سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بئنچ ۾ درخواست ڏني هئي ته سندس مخالف اميدوار مير عرفان ٽالپر جو ووٽ سرٽيفڪيٽ يوسي باکر جي بجاءِ ٽائون ڪميٽي ٽنڊو جان محمد جو آھي جڏھن ته لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تحت اليڪشن ۾ حصو وٺڻ واري اميدوار جو ووٽ يوسي ۾ داخل هئڻ ضروري آهي جنهن تي عدالت سڳوري پ پ پ اميدوار مير عرفان ٽالپر جو فارم رد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.