نئون ڪوٽ (ن پ ا) ڪلوئي پوليس نئون ڪوٽ کان عيد جا ڪپڙا ۽ سامان وٺي مسافر گاڏي ۾ سوار ٿي ڳوٺ ويندڙ نوجوان شاعر شفيق جان ٿيٻو کي جوڳي موڙ پوليس پوسٽ ڀرسان گرفتار ڪري ورتو آھي جنهن کي گرفتار ڪرڻ بعد سرڪاري مدعيت ۾ ڪلوئي ٿاڻي تي غير قانوني پسٽل ظاهر ڪري قلم 23 اي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي اهڙي پوليس جي زيادتي خلاف ٿر جي علمي ادبي ڌرين ۾ سخت تاءُ پکڙجي ويو آھي جن نوجوان شاعر کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪرڻ سان گڏ سوشل ميڊيا تي ايس ايچ او خلاف مهم شروع ڪري ڇڏي آھي ۽ ايس ايچ او کي هٽائڻ نوجوان شاعر کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي. هوڏانهن ڪلوئي ٿاڻي تي گرفتار شاعر شفيق جان ٿيٻو جو چوڻ آھي ته ڪجهه بااثر ڌرين انتقام وٺڻ لاءِ مون خلاف پسٽل رکڻ جو ڪوڙو ۽ هٿ ٺوڪيو ڪيس داخل ڪيو آھي آئون نئون ڪوٽ کان ٻچن جي عيد جا ڪپڙا ۽ سامان وٺي ڳوٺ وڃي رهيو هيس ته اڳواٽ روڊ تي انتظار ۾ بيٺل ڪلوئي پوليس مونکي گرفتار ڪيو ۽ گرفتار جو سبب نه ٻڌايو گرفتاري وقت جا ڪيترائي مسافر شاهد آھن ته مون وٽ ڪوبه هٿيار نه هو بعد ۾ ڪلوئي ٿاڻي تي پوليس پنهنجي هٿان مونکي پسٽل ڏئي ان جون تصويرون ڪڍيون ويون ۽ ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو. مونسان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف ڪلوئي پوليس بار بار رابطن باوجود موقف ڏيڻ کان انڪاري هئي.