ڪراچي(رپورٽ : فقير سليم) سنڌ  صحت کاتي جي ڊي جي ڊاڪٽر جمن باهوٽي جي رٽائرمينٽ کانپوءِخالي ٿيل پوسٽ لاءِ اميدوارن کان انٽرويو 8 مئي تي ٿيندا، ان ڏس ۾ صحت واري وزير 20 ھين گريڊ جي 2 ۽ 19 ھين گريڊ جي 8 ڊاڪٽرن کي گھرائي ورتو، ذريعن موجب ڊي جي لاءِ 19 گريڊ جو اي پي آءِ جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر  ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ مضبوط اميدوار آھي، جيڪو اڳ ۾ به ڊي جي هيلٿ رھي چڪو آھي، جڏهن ته 20ھين گريڊ جا 2 اميدوار گمبٽ اسپتال جو ايم ايس  ڊاڪٽر صفدر علي رند ۽ ڪراچي جي چلڊرين اسپتال جو ايم ايس نديم اختر شيخ، 19 گريڊ جا ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ  سميت 8 ڊاڪٽر انٽرويو ڏيندا،  10 ئي اميدوارن ۾ڪا ليڊي ڊاڪٽر شامل ناھي،