نئون سماجي معاهدو

0
294
نئون سماجي معاهدو

 پاڪستان ۾“نئين سماجي معاهدي” جو پڙاڏو به پورجي ويو آهي. جڏهن سنڌ جو سابق گورنر ڪمال اظفر بينظير ڀٽو جو پارٽي دانشور هوندو هو، تڏهن هن قيادت آڏو اهو تصور پيش ڪيو هو ته، “ملڪي مانڌاڻ تيستائين ختم نه ٿيندو، جيستائين هڪ نئون سماجي معاهدو نه ٿو ڪيو وڃي”. بينظير ڀٽو ان خيال کي ڪيترائي ڀيرا پيش ڪيو هو پر ان مطالبي کي ڪائي موٽ نه ملي.

                 سماجي معاهدي جو اصل تصور فرانس جي جڳ مشهور مفڪر روسو پيش ڪيو هو. هن 18هين صديءَ جي پوئين اڌ جي ڇهين ڏهاڪي ۾ “سماجي معاهدو” (The Social Contract) جي نالي سان هڪ ننڍو ڪتاب لکي پيش ڪيو هو. جڏهن جين جيڪس روسو اهو ڪتاب ان لاءِ لکيو ويو هو جو ان دور ۾ عام طور تي پورو يورپ ۽ خاص طور تي فرانس سماجي ڇڪتاڻ جي چوٽ تي چڙهيل هو. نئين دور ۾ داخل ٿيندڙ ماڻهو ۽ ملڪ ڪشمڪش جا شڪار هئا. ان دور ۾ روسو “دي سوشل ڪانٽريڪٽ” لکي فرانس جي حڪمرانن ۽ نوابن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ماڻهو انهن جي مرضيءَ ۽ مفادن کي مقدس قانون سمجهي، ان مٿان اکيون پوري عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. جيڪڏهن حڪمران چاهين ٿا ته ملڪ فضيلت سان هلي ته پوءِ ان لاءِ هڪ “سماجي معاهدي” جي ضرورت آهي.

جنيوا ڄائي فرينچ مفڪر پنهنجي سياسي ۽ سماجي سوچ تي مشتمل ڪتاب جي ابتدا انهن لفظن سان ڪئي هئي ته، “اچو ته امن لاءِ برابريءَ وارا شرط پيش ڪريون” ۽ هن ان ڪتاب جي ٽئين باب جي پڄاڻي انهن لفظن سان ڪئي هئي ته، ”اچو ته اهو تسليم ڪريون ته طاقت سان انصاف تخليق ڪري نه ٿو سگهجي. اسان صرف جائز قانون جي آڏو ڪنڌ جهڪائي سگهون ٿا”. پاڪستان ۾ “فرينچ انقلاب” جو خواب گهڻو وقت اڳ چڪناچور ٿي چڪو آهي. پر اها سچائي هن مهل نه صرف موجود آهي پر تمام گهڻي شدت سان اڀري آئي، جيڪا طاقتور ڌرين کي ڌيرج سان ڪم وٺڻ جي تلقين ڪندي بار بار هڪ “گرينڊ ڊائلاگ” جي ضرورت تي زور ڏئي رهي آهي.

9 مئي جو ڏينهن پاڪستان جي لاءِ “نائن اليون” آهي يا نه؟ ان بحث کان هٽي به هن مهل ملڪ جون سياسي حالتون ايتريون ته تاڻجي ويون آهن، جو بي يقيني پنهنجي ڀرپور صورت ۾ ماڻهن ۾ تمام گهڻي تشويش پيدا ڪري رهي آهي. پي ڊي ايم حڪومت پنهنجي اندر ۾ اطمينان ڀري خوشي محسوس ڪري رهي آهي ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ اهڙي دوري پيدا ٿي پئي آهي، جيڪا آسانيءَ سان ڀرڻ جوڳي ناهي. ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي آهستي آهستي اهو يقين اچڻ لڳو آهي ته هوءَ پيدا ٿيل سياسي افراتفريءَ مٿان جلد ڪنٽرول ڪري وٺندي. جڏهن ته ملڪ جو سوچيندڙ ۽ سمجهندڙ ڪلاس اهڙي امن کي عارضي ۽ آرٽيفيشل قرار ڏئي رهيو آهي. ان جو گڏيل خيال آهي ته جبر ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي. هن وقت پي ٽي آءِ، حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ هڪ نئون ٺاهه ٿيڻ لازمي آهي.

ويهه ڏينهن اڳ تائين پي ٽي آءِ حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ جي حق ۾ نه هئي. هاڻي عمران خان اڻ سڌا نه سڌا ايلاز ڪري رهيو آهي ته ڪوئي هن سان ڳالهائي. ان سلسلي ۾ هن پنهنجي مذاڪراتي ٽيم جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ميان نواز شريف مليل موقعي مان فائدو وٺندي ان تي اصرار ڪري رهيو آهي ته، “شهيدن جي يادگيرين جي بي حرمتي ڪرڻ وارن سان ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن”. ڇا حڪومت، پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ فيصلائتيون ڳالهيون ٿينديون؟ انهن ڳالهين جو دروازو کولڻ جي لاءِ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري پنهنجي پارٽي عهدي تان استعيفا ڏني. جيتوڻيڪ اسد عمر ست رڪني ڪميٽيءَ جو ميمبر ناهي، پر انهن ڳالهين جي لاءِ رستو هموار ڪرڻ واريون ڳالهيون ڏورڻ جون ڏوريون هن جي هٿ ۾ آهن. عمران خان کي ايترو سخت قدم کڻڻ جو مشورو ڏيندڙ ڪير هئا؟ انهن جا نالا به پڌرا ٿي پوندا. پر اها هڪ حقيقت آهي ته عمران خان جنهن احتجاجي هٿيار سان اسٽيبلشمينٽ کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان هٿيار جو هن وٽ سياسي لائسنس ئي نه هو. ان جي نتيجي ۾ هن مهل عمران خان سندس سياسي مخالفن جي بقول “عبرت جو نشان” بڻجي چڪو آهي.

هن وقت پاڪستان جي سياسي اسٽيج تي انهن پريس ڪانفرنسن جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جا پراڻا اڳواڻ 9 مئي جي مذمت ڪندا ۽ تحريڪ انصاف تان هٿ کڻندا، عمران خان کي الوداع ڪندا وڃي رهيا آهن. اهو سلسلو هن وقت ايتري حد تائين جاري آهي جو گذريل ڏينهن جڏهن عمران خان پريس بريفنگ لاءِ سوشل ميڊيا تي پرگهٽ ٿيو ته هن جا ابتدائي لفظ اهي هئا ته، “سڀ کان اڳ ۾ مان اهو واضح ڪريان ته منهنجي هن پريس بريفنگ جو مقصد اهو اعلان ڪرڻ ناهي ته آئون تحريڪ انصاف کي ڇڏي رهيو آهيان”. عمران خان جي ان طنز جا تير صرف هن جي سياسي مخالفن طرف نه اڏاميا، اهي تير انهن جي پٺين جو پيڇو به ڪندا نظر آيا، جيڪي ڪجهه ڏينهن کان وٺي آلين اکين سان ان تعلق کان توبهه تائب ٿي رهيا آهن، جن سان ڪڏهن انهن جو عقيدت ڀريو رشتو هو.

پريس ڪانفرنسن واري هيءَ راند ڪيستائين جاري رهندي؟ ان سوال جو جواب ڪوئي نجومي نه پر اها قوت ئي ڏئي سگهي ٿي، جنهن جي هٿ ۾ اهو سلسلو هلائڻ جي سگهه آهي. جڏهن ته اهو به طئه آهي ته نيٺ به هر شيءَ جو نبيرو ئي ٿيڻو آهي. پاڪستان کي هلائڻ وارا هٿ بظاهر ملڪ جي واڳ اهڙي پاسي موڙڻ جي لاءِ تيار نظر نه ٿا اچن، جنهن پاسي ڪو تاريخي معاهدو وجود ۾ آندو وڃي. ڪوشش اها پئي ڪئي وڃي ته پيدا ٿيل افراتفريءَ کي دٻائي ملڪ کي پراڻي ڊگر تي هلايو وڃي پر ڪجهه مهينن کان پوءِ ٿيندڙ چونڊن جو چوٻول تمام جلدي سياسي ماحول جو مک موضوع بڻجڻ وارو آهي. ان صورت ۾ ڇا ٿيندو؟

تحريڪ انصاف تي پابندي پوڻ مسئلي جو حل هجي ها ته اهو قدم گهڻو وقت اڳ کڄي چڪو هجي ها. پي ٽي آءِ تي پابندي عائد نه ٿيڻ جو سبب صرف اهو نه هو ته اهڙو قدم کڻڻ واري کي اهو خدشو هو ته سپريم ڪورٽ اهڙي فيصلي کي پهرين شنوائيءَ دوران ئي ٿڏي ڇڏيندي، پر پاڪستان جي تمام وڏي پارٽيءَ سان اهڙو سلوڪ عالمي سطح تي خلق کِلائڻ جو سبب بڻجي ها. هونءَ به 9 مئي جا ناخوشگوار واقعا ڪجهه شهرن ۾ ٿيا، اهڙن واقعن سبب پوري ملڪ جي صوبن ۾ موجود پارٽيءَ کي سزا ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي؟ اها به بنا ڪنهن ڪميشن جي قيام جي!

تحريڪ انصاف مٿان پابندي پوڻ کان وڌيڪ آسان عمران خان کي نا اهل ڪرڻ آهي. عمران خان کي پاڻ به پي ٽي آءِ مٿان پابندي پوڻ کان پنهنجي نا اهل ٿيڻ جو خوف وڌيڪ آهي. اهوئي سبب آهي ته هو نه صرف بار بار پنهنجي ان خدشي جو اظهار ڪري چڪو آهي پر گذريل ڏينهن هن اهو به چيو آهي ته هن جي گرفتاري يا نا اهليءَ جي صورت ۾ پارٽيءَ جي قيادت شاهه محمود قريشي ڪندو. اهوئي سبب آهي ته تحريڪ انصاف جا سياسي مخالف هاڻي کان وٺي شاهه محمود قريشيءَ جي خلاف تنقيدن جا تير هلائڻ لاءِ ڪمانون تيار ڪري رهيا آهن. جڏهن ته انهن کي به معلوم آهي ۽ چڱي طرح سان معلوم آهي ته عمران خان جي نا اهلي توڙي اسيريءَ جي صورت ۾ پارٽي جي سياسي قيادت ڀلي شاهه محمود ۽ تنظيمي قيادت اسد عمر جي حوالي هجي پر پوءِ به تحريڪ انصاف جي سياسي قوت جو سرچشمو عمران خان ئي رهندو. اهو عمران خان جيڪو هڪ رانديگر مان اڀري هن رياست جي ڳچيءَ ۾ اهڙي سياسي اڳواڻ جي صورت ۾ پئجي ويو آهي، جو هن مان جان ڇڏائڻ ڪنهن به طرح سان آسان ڪم نه رهيو آهي. اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان جو ناتو ڪيئن ٽُٽو؟ اها ڪهاڻي نئين رنگ ۽ ڍنگ سان پئي پيش ٿيندي پر هن وقت جنهن پوائنٽ تي اصرار ڪيو پيو وڃي، اهو هي آهي ته ملڪ جي منتشر ماحول کي ڪهڙي ريت ميڙجي ۽ سهيڙجي؟

تحريڪ انصاف جي باقي بچيل اڳواڻن ۽ نام نهاد ئي سهي پر ملڪ جي آزاد سياسي مبصرن جو اصرار آهي ته تحريڪ انصاف، حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ هڪ فيصلائي ويهڪ ٿيڻ گهرجي. هو هڪ اهڙي اجلاس جو مطالبو ڪري رهيا آهن، جنهن کي پشتو ڪلچر ۾ جرڳو چيو ويندو آهي. ڇا اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پراڻي وفادار ۽ نئين غدار سان گڏ ويهڻ پسند ڪندي؟ ڇا اسٽيبلشمينٽ ملڪ کي اڳتي هلائڻ جي سلسلي ۾ هڪ نئين سماجي معاهدي جي شرط کي قبول ڪندي؟ ڇا اسٽيبلشمينٽ اهو نه چوندي ته، “آئين هجڻ جي صورت ۾ نئين سماجي معاهدي جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ڇا ملڪ جو آئين سماجي معاهدو نه هوندو آهي”. ڇا اسٽيبلشمينٽ وٽ ان سوال جو جواب آهي ته آئين جي هوندي ملڪ جون حالتون ان هنڌ تائين ڇو پهتيون؟ ملڪ ۾ آئين هوندي به ايتري انارڪي (Anarchy) ڇو آهي؟ ڇا اهڙي بحران جو سبب اهو ناهي ته ملڪي مسئلن کي ملڪ جي سپريم قانون يعني ملڪي آئين جي معرفت حل ڪرڻ بدران پنهنجي مرضي هلائي پئي وڃي؟ اهڙن سوال جي مقدر ۾ انڪار جو اچڻ ته عام آهي پر اهڙن انڪارن سان ملڪ جا معاملا بهتر ٿيڻ بدران بدتر ٿيا آهن.

اسان جو ملڪ جنهن معاشي، معاشرتي، سياسي ۽ انتظامي بحران جي ور چڙهيل آهي، ان مان نڪرڻ لاءِ اسان ڀلي “نئين سماجي معاهدي” جو سهارو نه وٺون، اسان ڀلي پنهنجي آئين کي بحران مان نڪرڻ جو واحد سهارو قرار ڏيون پر اسان کي آخر ۾ اهو ته قبول ڪرڻو ئي پوندو ته ملڪي آئين به تڏهن ڪارگر ٿي سگهي ٿو، جڏهن ان جي مٿان عمل ڪيو وڃي. ڇا اسان جو ملڪ پنهنجي مڙني قوتن سميت اهڙي موڙ تي نه پهتو آهي، جتي طاقتور ادارن ۽ فردن کي هڪ ڀيرو ٻيهر اهو وچن ورجائڻ جي ضرورت درپيش اچي رهي آهي ته هو هاڻي کان پوءِ هر صورت ۾ ملڪي آئين جي مٿان اکيون ٻوٽي عمل ڪندا. ڇا اهڙي ڪنهن به امڪاني عمل کي “نئون سماجي معاهدو” قرار ڏئي نه ٿو سگهجي؟