نئون ديرو (ن پ ا) پ پ پاران ميونسپل ڪاميٽي نئون ديرو لاءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي نامزد اميدوارن حاجي عبدالخالق ڀٽو ۽ محمد انور ٻرڙو پارٽي آفيس کان وڏي قافلي جي صورت ۾ رٽرننگ آفيسر وٽ نامزدگي فارم جمع ڪرايا، نامزدگي فارم جمع ٿيڻ بعد 11 جون تي نامزدگي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي، جنهن بعد 12 جون تي اميدوارن خلاف اپيلون داخل ڪري سگهبيون ۽ 13 جون تي عدالتن ۾ اپيلون داخل ٿي سگهنديون، 14 جون تي اليڪشن ڪمشنر پاران فارم ڀريندڙ اميدوارن جا فارم بحال يا رد ڪرڻ بابت حتمي لسٽ جاري ڪئي ويندي، جنهن بعد 15 جون تي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ لاءِ اليڪشن ڪرائي ويندي ۽ 16 جون تي ڪامياب اميدوارن بابت اعلان ڪيو ويندو.