نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو ڀرسان ڪچي جي علائقي ڳوٺ ڀنڀو شيخ جي رهواسين تيمور شيخ، بختاور خاتون، حاجران خاتون پنهنجن معصوم ٻارڙن سميت پوليس جي چڙهائي خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته مختلف ٿاڻن جي پوليس بنا جواز گهرن تي چڙهائي ڪري گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، عورتن ۽ ٻاررن کي تشدد جو نشانو بڻايو. پوليس چڙهائي دوران اسان جو هڪ لک رپين کان وڌيڪ روڪ رقم، 5 ٻڪريون، 2 تولا سون سميت گهر جا هنڌ ۽ رليون به زبردستي کڻي ويا. هنن چيو ته پوليس بااثر جي چوڻ تي بيگناهه اسان جي گهرن مٿان چڙهايون ڪري ظلم ڪيو آهي،  مظاهرين پوليس مٿان الزام هڻندي چيو ته پوليس ڪارروائي دوران خوف وچان اسان جي نينگر 10 ورهين جي ياسين شيخ دادو ڪئنال ۾ ٽپو ڏنو جنهن جي ڳولها ڪري رهيا آهيون. ٻڏي ويل اسان جو نينگر نه مليو ته ان جي خون جو ڪيس پوليس اهلڪارن خلاف داخل ڪرايو ويندو. هوڏانهن پوليس چڙهائي بابت ڊي ايس پي نئون ديرو شاجهان شاهه سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن فون اٽينڊ ڪرڻ بعد چڙهائي بابت پڇيل سوال تي فون ڪٽي ڇڏيو، ۽ بعد ۾ فون بند ڪري ڇڏي.