نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ شھمير ڏاھاڻي ۾ پوليس اھلڪار مولا بخش ڏاھاڻي جي 15جريب زمين جي ڪڻڪ جي ديري کي نامعلوم شرپسندن باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، باهه سبب لکين رپين جي ڪڻڪ سڙي خاڪ ٿي وئي. اطلاع تي فائر برگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آندو.