نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو پوليس پاران 3 ڏينهن اڳ دڪاندار غلام حيدر چنو کي گرفتار ڪري مٿس منشيات جو ڪيس داخل ڪرڻ واري خبر ٻڌڻ بعد صدمي ۾ سندس امڙ بيهوش ٿي وئي جيڪا اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. گرفتار ڪيل دڪاندار غلام حيدر چنو جي پٽ احمد بخش، ڀاءُ حب علي، چاچي غلام عباس ۽ مامي علي مدد چنو برادري جي ماڻهن سان گڏجي تڏي تي پوليس زيادتي خلاف دانهون ڪندي چيو ته نئون ديرو پوليس اسان سان ظلم جي انتها ڪئي آهي ڊي ايس پي نئون ديرو پوليس اٽالا ساڻ ڪري دڪان تي چڙهائي ڪري غلام حيدر چنو کي کنڀي کڻي وڃي منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي. غلام حيدر چنو جي بيگناهه گرفتاري جي خبر ٻڌڻ تي سندس امڙ صدمي ۾ بيهوش ٿي وئي جنهن کي کڻائي اسپتال پهچايو ويو جتي هو فوت ٿي وئي. هنن چيو ته ڊي ايس پي نئون ديرو اسان سان وڏو ناحق ڪيو آهي، غلام حيدر چنو ڪئبن هلائي ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪندو هو. پوليس منشيات فروشن کان ڀتو اوڳاڙي انهن کي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي ۽ بيگناهه ماڻهن کي گرفتار ڪري منشيات فروش ڄاڻائي انهن جي زندگين سان کيڏي رهي آهي. جيڪو وڏو ظلم ۽ زيادتي آهي.هنن مطالبو ڪيو ته صدمي ۾ فوت ٿي ويل غلام حيدر چنو جي امڙ جي خون جو ڪيس ڊي ايس پي ۽ پوليس مٿان داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.