نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو ۾ گذريل رات دير سان بجلي جي ٿنڀي تي ڪم ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويل سيپڪو جو اسسٽنٽ لائين مين نصرالله ڀٽو جو مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، فوت ٿي ويل سيپڪو ملازم جي وڏي ڀاءُ عنايت ڀٽو الزام هڻندي چيو ته حادثاتي موت بابت سيپڪو جا عملدار مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيا آهن، هن مطالبو ڪيو ته ڪوتاهي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن سيپڪو چيف سکر نوٽيس وٺندي جاچ ٽيم موڪلي جنهن فوتي جي وارثن، گرڊ اسٽيشن جي انتظاميا ۽ ٻين کان جاچ ڪئي، جنهن بعد ڪوتاهي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ لائين سپريٽينڊنٽ ياسين لاشاري کي معطل ڪري رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي.