نئون دمبالو (ن پ ا) نئون دمبالو ۾ بااثر پاران مارڪُٽ ڪرڻ تي نوجوان جو سندس گهر واري سميت احتجاج، ان ڏس ۾  ڳوٺ حاجي ميوو ٽالپر جي رهواسي ارجڻ ڪولھي ۽ سندس گهر واري جمني نئون دانهيندي چيو ته بااثر بنا جواز اسان تي تشدد ڪري زخمي ڪيو آهي، پوليس دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، نوٽيس وٺي جوابدار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.