نئون دمبالو (ن پ ا) نئون دمبالو ۾ سنڌي هاري تحريڪ تعلقي ماتلي ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ جو گڏيل اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ سارنگ ڪلوئي، اي ڪي احمداڻي، امام بخش ڀرڳڙي، نواب احمداڻي، لالجي ڪولھي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي باني سربراهه رسول بخش پليجي جي 7 جون تي جنگشاهي ۾ رٿيل ورسيءَ جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ٺهراءَ پاس ڪري مطالبو ڪيو ويو ته هارين جي حقن لاءِ نئين سر قانون سازي ڪئي وڃي.