نئون دمبالو (ن پ ا ) نئون دمبالو ويجھو ڳوٺ سونو آرائين جو رهواسي 22 سالن جو امتياز ولد نياز آرائين گھران گاھ ڪرڻ لاء ٻني تي وڃي رھيو ھو ته اوچتو مرگھيءَ جو دورو پوڻ سبب واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. نوجوان جو مڙهه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.