اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آرمي چيف جي مقرري لاءِ سمري وزيراعطم هائوس کي ملي وئي، ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير سميت 6 سينيئر ترين ليفٽيننٽ جنرلز جا نالا شامل، نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب جي ايچ ڪيو نئين آرمي چيف جي مقرري لاءِ 6 سينيئر ترين ليفٽيننٽ جنرلز تي ٻڌل سمري دفاع وزارت کي اماڻي ڇڏي، دفاع وزارت سمري وزيراعظم هائوس کي اماڻي، سمري ۾ ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير جو نالو پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته سمري ۾ ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد، ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس، ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود، ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ۽ ليفٽيننٽ جنرل محمد عامر جا نالا به شامل آهن، هاڻ وزيراعظم مقرري جو حتمي فيصلو ڪندو، آئين تحت فور اسٽار مقررين جو اختيار وزيراعظم جو آهي، صدر رسمي طور منظوري ڏيندو آهي، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جي مقرري به سمري ۾ شامل نالن مان ڪئي ويندي. دفاع واري وزير خواجا آصف وزيراعظم هائوس کي سمري ملڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم هائوس کي سمري ملي وئي آهي، سمري ۾ 6 سينيئر ترين ليفٽيننٽ جنرلز جا نالا شامل آهن. بچاءِ جي وفاقي وزير خواجا آصف ۽ ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ وزيراعظم جو خصوصي معاون ملڪ احمد خان ۽ هڪ اهم سيڪيورٽي اداري جو سربراهه به موجود هئا، ملاقات ۾ فوج ۾ اهم مقررين بابت مشاورت ٿي، بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته نئين آرمي چيف جي مقرري ايندڙ 48 ڪلاڪن جي ڳالهه آهي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ مقرري ٿي ويندي، آرمي چيف جي مقرري ڪُل 48 ڪلاڪن جي ڳالهه آهي. هن چيو ته سول ملٽري لاڳاپن ۾ ڪا به ڇڪتان ناهي، لاڳاپا سٺا آهن، سياست سان فوج جو واسطو آئين ۽ قانون موجب ٿي سگهي ٿو، ماضي جي لحاظ کان هاڻ فوج پنهنجو ڪردار نيوٽرل ڪري ڇڏيو آهي، جنرل باجوا سان ملاقات ٿيندي رهندي آهي، َآرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو احترام ڪريون ٿا، خواجه آصف چيو ته وزيراعظم شهبازشريف ۽ آصف زرداري جي ملاقات ۾ آرمي چيف جي مقرري جو معاملو ضرور غور هيٺ آيو هوندو، آصف زرداري وزيراعظم وٽ ڪم يا نالي لاءِ نه آيو هو، شهبازشريف ڪجهه ڏينهن کان بيمار هو ته سندس عيادت لاءِ آيو، پر جڏهن 2 وڏا سياستدان پاڻ ۾ ويهندا آهن ته يقينن آرمي چيف جي مقرري جو معاملو به غور هيٺ آيو هوندو، هڪ سوال تي خواجه آصف چيو ته آرمي چيف جي مقرري جو معاملو 48 ڪلاڪن ۾ ڪنهن نه ڪنهن سٺي نتيجي تي پهچي ويندو، آئون پنهنجي تجربي جي بنياد تي چوان ٿو ته ان کان اڳتي معاملو نه ويندو، 24 نومبر جي شام جو 48 ڪلاڪ پورا ٿي ويندا، معاملو سهڻي نموني حل ٿي ويندو، هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ اتفاق آهي ته جڏهن نالا ايندا ته ان مان هڪ نالو فائنل ڪيو ويندو،  هن چيو ته اسان پهرين نالو سوچي نه ويٺا آهيون، اسان چاهيون ها ته مهينو ڏيڍ پهرين مقرري نوٽيفاءِ ڪري پئي سگهياسين پر اسان وقار سان مقرري ڪرڻ چاهيون ٿا، سيڪريٽري دفاع ادارن ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندو آهي،  گهرو وزير رانا ثناءُ الله ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي بيانن تي خواجا آصف چيو ته رانا ثناءُ الله ۽ شاهد خاقان جو بيان ذاتي آهي، آئون ان جي تصديق نه ٿو ڪري سگهان.