راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته جيڪو به نئون آرمي چيف ايندو اهو سياسي گند پنهنجن ڪلهن تي نه کڻندو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته نواز شريف ڪيئر ٽيڪر جو مدو وڌائڻ ۽ پنهنجي مرضي جي مقرري پڻ چاهي ٿو،  هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻه مزا نٿا ماڻي سگهجن. حڪومتي اتحاد ۽ پرڏيهي وزير جي پريس ڪانفرنس تي تنقيد ڪندي شيخ رشيد چيو ته بلاول جي پريس ڪانفرنس ۾ سياسي رڙيون واضح ثبوت آهن ته پي ڊي ايم جو سياسي جنازو نڪري چڪو آهي. هن چيو ته ڪورونا يا ڊرونا جو فيصلو به 72 ڪلاڪن ۾ ٿي ويندو، 26 هين نومبر تي عمران خان جو پنڊي ۾ تاريخي آڌر ڀاءُ ڪنداسين. پنهنجي ٽويٽ ۾ شيخ رشيد چيو ته ، پرڏيهي وزير ملڪ جي صدر کي ڌمڪائي رهيو آهي، عمران خان کي ڪنهن جي به مقرريءَ تي اعتراض ناهي، نئون آرمي چيف مُلڪ کي اليڪشن طرف وٺي ويندو، ايندڙ 5 ڏينهن سياست لاءِ اهم آهن.