مھانگائي وڌي وئي آھي، وزيراعظم صاحب ھوش ۾ اچو: بلاول

0
281

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ وزير اعظم صاحب هوش ۾ اچو ، ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، الميو اهو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي جو ڪوبه امڪان ناهي، جاري بيان ۾ ھن چيو آھي تھ عمران حڪومت جو هر گذرندڙ ڏينهن مهانگائي جو طوفان آڻي رهيو آهي، ڪڻڪ ۽ ڪمند پيدا ڪندڙ ملڪ کنڊ ۽ اٽو درآمد ڪري ته ملڪ ڪيئن هلندو.