ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) مڪلي ۾ پيءُ پاران 13 سالن جي ڌيءَ کي ٻن مهينن کان مبنيا گھر ۾ قيد ڪري لاڳيتي تشدد ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ مڪلي ٿاڻي جي ايس ايچ او مجيد بروهي پاران چيو ويو آهي ته اطلاع ملڻ تي مڪلي پوليس مڪلي جي شاھ لطيف ڪالوني جي رهواسي اسماعيل بنگالي جي گھر تي ڪارروائي ڪري ٻن مهينن کان باندي ڄاڻايل 13 ورهين جي نينگري حبيبان کي بازياب ڪرائي ان جي پيءُ اسماعيل بنگالي کي گرفتار ڪري مٿس بازياب ٿيل نينگري جي ماسات ارمان جي فرياد تي پڻ مڪلي ٿاڻي تي نينگري جي پيءُ خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ٻئي پاسي بازياب ٿيل نينگري حبيبا پڻ چيو آهي ته گھر ۾ ڪم نه ڪرڻ تي سندس والد سخت تشدد ڪندو هو ۽ سندس جسم جي مختلف حصن منهن ۽ مٿي تي ان جي ڪيل تشدد جا زخم آهن هن چيو ته سندس پيءُ جي ٻي زال پڻ مٿس تشدد ڪندي هئي ايستائين جو کيس ڪپڙو ڳلي ۾ ٻڌي گھيليو ويندو هو جڏهن ته پيءُ جي تشدد جي نشاني بڻيل پوليس هٿان بازيابي ماڻيندڙ نينگري جي ماءُ روبينا پڻ چيو آهي ته سندس اڳواڻي مڙس طلاق بعد کيس هڪ ڌيءَ ڏني ۽ ٻي ڌيءَ پاڻ وٽ رکي ڇڏي هئي هن چيو ته هنن کي خبر پئي ته هن جو اڳوڻو مڙس اسماعيل بنگالي نه رڳو سندس ڌيءَ حبيبا کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي رهيو آهي پر مٿس جادو به ڪري رهيو آهي هن چيو ته سندس ڌيءَ جي جسم جي مختلف حصن منهن ، مٿي تي پڻ تشدد جا واضع نشان آهن هن چيو ته نياڻي تي تشدد ڪندڙ سندس اڳوڻي مڙس کي سخت سزا ڏني وڃي. هوڏانهن جوابدار اسماعيل بنگالي جو چوڻ آهي ته هن جي ڌيءَ حبيبا جو ڪردار سهي نه هو جنهنڪري هن پنهنجي ڌيءَ کي گھر ۾ رکيو هو ته جيئن هوءَ گھر کان ٻاهر نه وڃي سگھي