ٺٽو ( رپورٽر) مڪلي ۾ سول اسپتال جي احاطي ۾ معمولي ڳالهه تان ميرجت ۽ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيلجھيڙي دوران ڪهاڙي لڳڻ جي نتيجي ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ صاحب خان کوسي جي ڀاءُ قلندر کوسو ۽ امير کوسو زخمي ٿي پيا، زخمين مان هڪ زخمي کي نازڪ حالت هجڻ ڪري ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته کوسا برادري پاران جھيڙيندڙ ڌر خلاف ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ تي پڻ احتجاجي ڌرڻو هڻي ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ڪري ملوث جوابدارن جي گرفتاري جي گھر ڪئي وئي. جڏهن ته قومي شاهراهه تي هنيل ڌرڻي سبب ٻنهي پاسن کان وڏي انگ ۾ گاڏيون بيهجي ويون. ٻئي پاسي پ پ اڳواڻ پير غلام رحماني احتجاجي ڌرڻي هڻندڙ کوسا برادري جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري کين جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي بند پيل قومي شاهراھ کي کولرائي معطل ٽرئفڪ بحال ڪرائي.