ٺٽو (رپورٽر) پراسرار نموني فوت ٿي ويل مڪلي  پوليس لائين واسي نوجوان بهادر علي چنجڻي جي ڀاءُ محمد ڇٽل عرف بابو چنجڻي مطالبو ڪندي چيو آهي ته سندس ڀاءُ کي قتل ڪيو ويو ۽ انهي قتل واقعي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي، پريس ڪلب ٺٽو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سندس ڀاءُ واري واقعي سبب گذريل ٽن ڏينهن کان پريشاني واري حالت ۾ هئڻ ڪري کين خبر ئي نه پئجي سگھي، هن چيو ته سندس ڀاءُ بهادر علي جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو آهي، جنهن جي رپورٽ اچڻي آهي،  ڀاءَ جو موبائيل ، گھڙي ، رومال ۽ ٻيو سامان به گم آهي،  شڪ آهي ته  ڀاءُ کي دوکي سان گھرائي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي، مامري جي جاچ ڪرائي وڃي. واضح رهي ته گذريل ڏهاڙي ڪينجھر ڍنڍ مان ڪينجھر پوليس اطلاع تي نوجوان بهادر علي چنجڻي جي لاش کي هٿ ڪيو هو.