ٺٽو ( رپورٽر ) مڪلي واسڻ ٻڍڙي ماءُ کي سندس ئي پٽن زندگي جي آخري ڏينهن ۾ گھران ڪڍي بي گھرڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي ٺٽي جي هيڊ ڪوارٽر واري شهر مڪلي جي شاھ لطيف ڪالوني جي رهواسڻ ٻڍڙي ماءُ بچل کي سندن چئن پٽن گذريل رات دير سان گھر مان ڪڍي ڇڏڻ واري ويڊيو جي وائرل ٿيڻ بعد ٺٽي ۽ مڪلي واسين توڙي ساڃاھ وندن ۾ سخت ڳڻتي واري لهر ڊوڙي وئي آهي جڏهن ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو ۾ پڻ ٻڍڙي ماءُ پنهنجي چئن پٽن جا نالا کڻندي ڄاڻايو آهي ته کيس هن عمر ۾ پٽن بجاءِ سهارو ڏيڻ جي گھر مان رات دير سان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ هن سڄي رات گھر ٻاهران مڇرن ۾ گذاري آهي جڏهن ته پٽن هٿان بي گهر بڻيل پيرسن ماءُ جي پاڙيسرين پاران چيو ويو آهي ته پٽن پلاٽ پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجي ٻڍڙي ماءُ کي گھر کان ڪڍي بي گھر ڪري ڇڏيو آهي هوڏانهن ٺٽي ۽ مڪلي جي ساڃاھ وندن ٻڍڙي ماءُ جي پٽن هٿان بي گھر ٿيڻ واري سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو تي پڻ سخت رنج وغم جو اظهار ڪندي اختيارين کان گھر ڪئي آهي ته ٻڍڙي ماءُ کي وڏي عمر ۾ گھر کان بي گھر ڪندڙ پٽن خلاف ڪاروائي عمل ۾ آڻي ٻڍڙي ماءُ کي سندس گھر جي ڇت مهيا ڪري بي گھر ٿيڻ کان بچايو وڃي.