ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي جي هيڊ ڪوارٽر واري شهر مڪلي جي پبلڪ پارڪ مڪلي جي احاطي ۾ قبضيگيرن قبضو ڪري اڏاتون ڪري ڇڏيون ، ساڃاھ ونڌن ۽ مڪلي واسين جي شڪايتن بعد ٺٽي جي ڊي سي نوٽيس وٺندي اينٽي انڪرچمينٽ پوليس اماڻي پارڪ ۾ ڪيل اڏاوتن کي ڊهرائي ڇڏيو آهي ان ڏس ۾ ٺٽي جي هيڊ ڪوارٽر واري شهر مڪلي ۾ 30 سال اڳ تعمير ڪيل پبلڪ پارڪ مڪلي جي احاطي ۾ بااثر قبضيگيرن قبضو ڪري اڏاوتون ڪري ڇڏيون جڏهن ته پارڪ جي احاطي ۾ بااثر قبضيگيرن جي ڪيل قبضي ۽ اڏاوتن وارين خبرن جي سوشل ميڊيا تي هلڻ بعد ٺٽي جي ڊي سي غضنفر علي قادري نوٽس وٺندي اسسٽنٽ مختيارڪار ٺٽي جي اڳواڻي ۾ اينٽي انڪرچمينٽ پوليس اماڻي پارڪ جي احاطي ۾ قبضيگيرن جي ڪيل اڏاتن کي ڊهرائي پٽ ڪرائي ڇڏيو. ٻئي پاسي مڪلي جي رهواسين ۽ ساڃاھ ونڌن وڪيل فرحان شمس ميمڻ ، ياسر جاکرو ، شبير ڀٽي ۽ ٻين چيو ته مڪلي ۾ واحد ضلعي ڪائونسل ٺٽي پاران 30 سال اڳ تعمير ڪرايل پارڪ آهي جنهن جي هن وقت حالت پڻ ابتر آهي پر ان جي باوجود بااثر قبضيگيرن نه رڳو پبلڪ پارڪ جي احاطي ۾ قبضو ڪيو پر فوري طور تي قبضيگيرن پڻ اڏاوتون ڪري ڇڏيون آهن. هنن ضلعي انتظاميه توڙي هتان جي چونڊيل نمائيندن کان پڻ مطالبو ڪيو آهي ته مڪلي جو واحد پارڪ آهي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ هتان جون عورتون ۽ ٻارڙا اچي تفريح ڪندا آهن پر پارڪ جي حالت ابتر هجڻ ڪري پارڪ ڏينهون ڏينهن تباهيءَ جي ور چڙهي رهيو آهي جنهن جي بهتري طرف قدم کڻي مڪلي واسين کي پارڪ ۽ ان ۾ ٻارڙن جي راند روند جي جھهولن واري سهولت سان گڏ وڌيڪ سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن .