ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) مڪلي ۾ جيلاني هائوس ويجھو پوليس اهلڪار جو گولي لڳل لاش هٿ،  ان ڏس ۾ مڪلي ٿاڻي جي حد ۾ جيلاني هائوس ويجھو  برساتي پاڻي جي کڏي مان جيلاني هائوس تي ڊيوٽي ڏيندڙ ڳوٺ عبدالله ڀنڀرو واسي نوجوان پوليس اهلڪار امجد گندرو جو  گولي لڳل لاش هٿ آيو،  اطلاع تي ايس ايس پي عديل چانڊيو  پهچي جاءِ واردات جو معائنو ڪرڻ بعد پوليس اهلڪار جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،  اپستال مان ضروري ڪارروائي بعد  مڙھ کي پوليس لائين نيو ويو، جتي پوليس سلامي ۽ جنازي نماز جي ادائيگي بعد  لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف  پوليس اهلڪار جي پيءُ ربنواز گندرو ۽ ان جي ڀائرن عثمان ، افضل ، عرفان ، اشتياق،  آصف علي گندو پاران واقعي کي قتل واقعو قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي،  نوجوان جي 3 ڏينهن اڳ ڪينجھر ٿاڻي کان مڪلي ٿاڻي تي بدلي ٿي هئي، جنهن کي جيلاني هائوس تي ڊيوٽي لاءِ مقرر ڪيو ويو هو، هنن چيو   ته ظالمن ساڻن ظلم ڪري سندن گھر اجاڙي ڇڏيو آهي، جڏهن ته هنن گھر ڪئي آهي ته نوجوان پوليس اهلڪار جي قتل واقعي جي شفاف جاچ ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن  ايس ايس پي عديل چانڊيو موجب ته  اهلڪار امجد چانڊيو جو واقعو ظاهري طور تي قتل لڳي رهيو آهي، شروعاتي جاچ مان پوليس اهلڪار سان پيش آيل واقعو ڦر ۽ دهشتگردي جو نه پيو لڳي، جڏهن ته سندس لاش ڀرسان سرڪاري رائفل پڻ ملي آهي، هن چيو ته واقعي جي گھڻ رخي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. جيئن ئي وارث پهچندا ته واقعي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويندو.