ڪراچي: مڪاني کاتي پاران کاتي جو ملازم ڄاڻائي سال 2020ع کان 2022ع دوران بينڪ اڪائونٽ کولرائڻ واري معاملي جي انڪوائري شروع، ان حوالي سان لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري سنڌ بينڪ جي صدر کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو آهي ته سال 2020ع کان 2022ع دوران مڪاني ادارن جي ملازمن پاران پگھارن جو جواز ڄاڻائي کولرايل بينڪ اڪائونٽن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، خط موجب 3 سالن دوران ڪا ڀرتي ناهي ٿي، انهي باوجود ڪيترن ماڻهن پاڻ کي مڪاني کاتي جو ملازم ڄاڻائي اڪائونٽ کولرايا آهن. اختيارين موجب ته ٽنهي سالن دوران بينڪ اڪائونٽ کولائيندڙ ملازم جعلي آهن، سندن ڀرتين جو رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي. خط ۾ اهڙا سمورا اڪائونٽ بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي