ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) مڪاني کاتي جي اختيارين 250 کان وڌيڪ آفيسرن کي 17 کان 19هين گريڊ ۾ ترقين جي منظوري ڏني آهي. ان حوالي سان مڪاني کاتي جي سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ٿيل ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪاميٽي جي اجلاس ۾ مڪاني ادارن جي 150 آفيسرن کي 17هين گريڊ ۾ ايڊمن  ۽  35 انجنيئرن کي 18هين گريڊ ۾ترقين جي منظوري ڏني وئي، اهڙي طرح مڪاني ادارن جي انتظام هيٺ هلندڙ اسپتالن جي ڊاڪٽرن کي پڻ 18 ۽ 19هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي.