ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن واري کاتي ۾ ڪاموري جو انوکو معاملو سامهون اچي ويو، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 19هين گريڊ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر اعجاز ڀٽو  بنا منظوري جي ٺٽي ۾ چارج وٺي ڇڏي، مڪاني کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري معاملي جو نوٽيس وٺي اعجاز ڀٽو کي ذاتي طور پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان کيس لکيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته توهان بنا پوسٽنگ ۽ اجازت جي چارج ڇو ورتي؟ 24 جنوري تي پيش ٿي وضاحت ڏني وڃي.