ڪراچي: مڪاني ادارن واري کاتي ۾ رٽائرڊ ملازمن جي پينشن جي رهتن وارو معاملو، رٽائرڊ ملازمن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ لاءِ اڄ موڪل ڏهاڙي به مڪاني ادارن واري کاتن جي ملازمن کي آفيسن ۾ ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان ڪالهه مڪاني ادارن واري کاتي پاران هڪ سرڪلر جاري ڪري سمورن ملازمن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اڄ ڇنڇر ڏهاڙي به آفيسن ۾ حاضري يقيني بڻائي وڃي، سرسڪلر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهم اسائنمينٽ ۾ ڪم سبب اڄ موڪل تي ڪم جاري رکيو ويندو. واضح رهي ته مڪاني ادارن واري کاتي ۾ رٽائرڊ ملازمن جون پينشن ۾ مد ۾ رهتون هجڻ واري معاملي تي مڪاني ادارن واري کاتي پاران ڊيٽا جمع ڪئي پئي وڃي.