ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي 16 ضلعن ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تياريون مڪمل، سنڌ ۾ ڊي آر اوز، آر اوز ۽ اي آر اوز جي بدلين تي پابندي، اليڪشن ڪميشن ڊي آر او ڪراچي اولهه غلام قادر ٽالپر ۽ آر او سجاول محمد علي خواجا جي بدلي واري درخواست رد ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڄاڻايل آفيسر چونڊ عمل جي پڄاڻي تائين اصل پوسٽنگ واري جاءِ تي ڊيوٽيون ڪندا رهندا، اليڪشن ڪميشن صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ سنڌ حڪومت کي ڊي آر اوز، آر اوز ۽ اي آر اوز جون بدليون نه ڪرڻ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو.