مڪاني چونڊ: 14 ضلعي ڪائونسلز، 4 ميونسپل ڪارپوريشن، 108 ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽيز تي پ پ ڪامياب

0
284
ضلعي ڪائونسلز، 4 ميونسپل ڪارپوريشن

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ 14 ضلعي ڪائونسلز، 4 ميونسپل ڪارپوريشن، 108 ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽيز تي پيپلزپارٽي ڪامياب ٿي وئي آهي

غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ميونسپل ڪميٽيز جي ڪُل 354 سيٽن مان 244 پيپلز پارٽي پنهنجي نالي ڪري ورتيون

جي ڊي اي 22، پي ٽي آءِ 14 ۽ جي يو آءِ  7 سيٽون کڻي سگهي، 20 آزاد اُميدوار ڪامياب ٿيا آهن، ٽائون ڪميٽيز جي 694 مان 426 سيٽس تي پيپلزپارٽي ڪامياب ٿي آهي

غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب 62 آزاد اُميدوار ڪامياب ٿي ويا، جي ڊي اي 65 ۽ پي ٽي آءِ 10 سيٽس کنيون آهن

نواب شاهه جي 76 مان 68 سيٽس تي پ پ ڪامياب

نوابشاهه: نوابشاهه ميونسپل ڪارپوريشن جي ڪُل 76 مان 68 سيٽس تي پ پ اُميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن، متحده، جي ڊي اي ۽ ايس ٽي پي هڪ هڪ سيٽ کنئي، جڏهن ته هڪ آزاد اُميدوار به ڪامياب ٿيو آهي

اليڪشن ڪميشن ٽن سيٽس تي چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن، دولتپور ٽائون ڪميٽي جون ڪُل 5 ۽ شاهپور جهانيان جون ڪُل 4 سيٽون پ پ ٻهاري وئي

قاضي احمد جي ڪُل 9 مان 8 سيٽس پ پ کٽي وئي، هڪ آزاد اُميدوار ڪامياب ٿيو آهي

ھي به پڙھندا

ڪاميابي مان ثابت ٿيو ته عوام کي تير تي اعتماد آهي:بلاول ڀٽو زرداري