ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر وسيم اختر چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن اسان جي ڳالهه نه ٻڌي، اها  ڪراچي ۾ شفاف مڪاني اليڪشن ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي، اسين انهي اليڪشن خلاف ثابتيون گڏ ڪري عدالت ۾ وڃي رهيا آهيون، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عوام مڪاني  اليڪشن ۾ پ پ ۽ سنڌ حڪومت جو اصل چهرو ڏسي ڇڏيو آهي، مڪاني ادارن کي جيڪا ٿوري گهڻي بجيٽ ملندي هئي،  پيپلزپارٽي انهي تي به قبضو ڪري ورتو آهي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو رويو جانبداراڻو هو، ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت شهري سنڌ کي ووٽ جي حق کان محروم ڪيو ويو آهي، اسان پهرين ڏينهن کان چئي رهيا هئاسين ته تڪبنديون درست ناهن ٿيون پر اليڪشن ڪميشن اسان جون سموريون درخواستون اڏائي ڇڏيون، هاڻي هلندڙ سال عام چونڊون شفاف ڪيئن ٿينديون ؟ اليڪشن ڪميشن جي ساک تي سوال اٿن پيا، سپريم ڪورٽ انهي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي.