ڪراچي(م ڊ) فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ/ورڪ فافن چيو آهي ته سنڌ جي مڪاني چونڊن ۾ ٿيل تڪرار ٺيڪ نه آهن، اهي تڪرار قانونسازي جي ڍانچي جي ڪمزورين جي ڪري ٿيا. سموريون سياسي ڌريون انهن کي درست ڪن. هن چيو ته جيستائين چونڊون سياسي استحڪام نه ٿيون آڻين جمهوريت ڪمزور ٿيندي رهندي. اليڪشن ڪميشن سياسي ڌرين سان کليل ڳالهيون ڪري. رپورٽ موجب بدين، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، ٺٽي ۽ ملير ۾ ووٽرن جو چڱو خاصو تعداد ٻاهر نڪتو. ڪراچي ۾ سينٽرل، اوڀر، اولهه، ڏکڻ، ڪورنگي، حيدرآباد ۽ ڪياماڙي ضلعن ۾ ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو. ٻئي مرحلي ۾ پولنگ اسٽيشن جي رزلت فارم 11 ۾ ڪوتاهيون نوٽ ڪيون ويون. ڪجهه واقعن کانسواءِ پولنگ جو عمل پرامن ۽ منظم رهيو. ڪراچي جي 236 يونين ڪاميٽين جي نتيجن جي اعلان ۾ 36 ڪلاڪ لڳا تشدد به ٿيو.