اسلام آباد(م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ماڻهو ڳالهائي رهيا آهن ته مراد علي شاهه ڊيل ڪئي آهي، منهنجو ڪيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته اڄ به اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ٿيو آهيان، ڪيترن ئي سالن کان ڪراچي کان اسلام آباد جي عدالتن ۾ پيش ٿي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان ان ڪيس ۾ پيش ٿي رهيا آهيون جيڪو عوامي مفاد جو منصوبو هو، نوري آباد پاور پلانٽ منصوبو سستو بجلي وارو منصوبو آهي، نيب ان ريفرنس ۾ اسان جي درخواست تي جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي. مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته عدليه کي درخواست آهي ته ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته نيب جو به احتساب ٿيندو، اسان ڊيل ڪرڻ وارا نه آهيون، ڪو ٻيو آهي، چونڊون ڪنهن هڪ شخص جي مرضي سان نه ٿينديون، اسيمبلي جو مدو آگسٽ 2023ع تائين آهي. هن چيو ته عمران خان ڪنهن به کاتي ۾ ناهي، کيس ڪرسي جو ايترو شوق آهي ته پوءِ هو پنجاب جو وڏو وزير بڻجي وڃي، هو پنهنجي انا خاطر ملڪ کي مشڪلاتن ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ڪوششن سان جنيوا ۾ 10 ارب ڊالر گڏ ٿيا، اها رقم سنڌ جي عوام جي بهتري لاءِ خرچ ڪئي ويندي. مراد علي شاهه اهو به چيو ته مڪاني چونڊون عام چونڊن کان وڌيڪ مشڪل آهن، سڪيورٽي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو، انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي سڪيورٽي جو جائزو ورتو ويندو.