ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي دوران 14 ضلعن مان پ پ جا 885 اميدوار بنا  مقابلي ڪامياب قرار ڏنا ويا، ان ڏس ۾ پ پ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب  جيڪب آباد مان 114،  ڪشمور مان 103، شڪارپور مان 42، لاڙڪاڻي مان  13، قمبر مان 67،  گهوٽڪي مان 35، سکر مان 28، خيرپور مان 63، نوشهري فيروز مان59، شهيد بينظير آباد مان 132، سانگهڙ مان 67، ميرپورخاص مان 70، عمرڪوٽ مان 71۽ ٿرپارڪر  مان 21  اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا