ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون 3 ڀيرا ملتوي ٿيڻ سبب يونين ڪميٽين جا 12 اميداور چونڊ وڙهڻ جي حسرت کڻي دنيا مان ئي هليا ويا. ڪورنگي ضلعي جي يونين ڪميٽين مان چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جا ٻه اميدوار، اولهه ضلعي ۾ هڪ، سينٽرل ضلعي ۾ ٻه، ڪياماڙي، ملير، ڪورنگي ۽ اوڀر ضلعن مان مان جنرل ڪائونسلر جا 7 اميدوار حقيقي مالڪ سان وڃي مليا.