مڪاني چونڊ: قاضي احمد ۾ سرگرميون تيز، پ پ ۽ ايس يو پي ۾ سخت مقابلي جا امڪان

0
245

قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد تعلقي ۾ مڪاني چونڊن جي پھرين مرحلي ۾ چونڊ سرگرميون تيز ٿي ويون آھن، تعلقي جي ٽن مک شھرن دولتپور، شاھپورجهانيان ۽ قاضي احمد ۾ اميدوارن گڏجاڻيو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ سياسي جوڙ توڙ جاري آھي، ان ڏس ۾ پ پ اميدوارن جا نالا فائنل ڪري ڇڏيا آھن

چونڊن ۾ پ پ، ايس يو پي، جمعيت علماءِ اسلام، سنڌ ترقي پسند پارٽي، مسلم ليگ ن، فنڪشل ليگ، پ پ شھيد ڀٽو، تحريڪ انصاف ۽ ٻيون پارٽيون ميدان ۾ لٿل آھن، ھوڏانهن مڪاني ادارن جي چونڊن دوران وڏي تعداد ۾ آزاد اميدوار ۽ راڄوڻي اتحاد به سرگرم آهن، سياسي حلقن جو چوڻ آهي ته هتي مڪاني چونڊن ۾ اصل مقابلو ايس يو پي ۽ پ پ ۾ ٿيندو، جنهن لاءِ ٻئي پارٽيون ننهن چوٽي جو زور لڳائي رهيون آهن

ٽنڊي الهيار ۾ مڪاني چونڊن جون تياريون شروع

حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول پڌرو ٿيڻ کان پوءِ ٽنڊوالھيار ضلعي جي ٽنھي تعلقن جي 26 يوسين 5 ٽائون ڪميٽين ۽ 23 وارڊن  لاءِ سرگرميون تيز ٿي ويون آهن

  مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن سان واسطو رکندڙ اڳواڻن پاران پهنجا پهنجا اميدوار بيھارڻ لاءِ تياريون شروع ٿي ويون آهن، ان سان گڏ روٺل ڪارڪنن ۽ ورڪرن کي پرچائڻ، سياسي وڏيرن پاران پراڻيون عزرخواهيون ڪرڻ جو به سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ضلعي ۾ پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم  ايس ٽي پي ۽ ٻين سياسي سماجي ڌرين کان سواءِ آزاد اميدوارن پاران تياريون شروع ڪيون ويون آهن

پيپلز پارٽي جو ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي ۽ صوبائي وزير سيد ضياء عباس رضوي  ميدان ۾ لٿل آهن، جڏهن ته مسلم ليگ ن جي سينيٽر ۽ اڳوڻي ضلعي ناظمه ڊاڪٽر راحيله گل مگسي جي ڊي اي اڳواڻ سرادار خير محمد کوکر ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ علي پلھ جو گڏيل اتحاد  پ پ جي مقابلي لاءِ ميدان ۾ لهڻ جا چٽا امڪان آهن

ايس ٽي پي به  ضلعي جي يونين ڪائونسلن ۽ وارڊن تي پهنجا اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ايم ڪيو ايم شهري علائقن ۾ پهنجو اثر رسوخ هجڻ جو دعويٰ ڪندي پهنجا اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻئي پاسي ضلعي ٽنڊوالھيار جي تعلقي جھنڊو مري، تعلقي چمبڙ ۽ تعلقي ٽنڊوالھيار ۾ سردار حاجي خير محمد کوکر پاڪستان پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پوري ضلعي ۾ اتحادين سان گڏ بلدياتي اليڪشن وڙھڻ جي اعلان بعد خير محمد کوکر ٻڌايو ته اتحادي گروپ پاران ضلعي ٽنڊوالھيار ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ پوري ضلعي اندر اميدوار بيھارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي