ملير (رپورٽر) ملیر جي يوسي مراد ميمڻ تان آل ڪميونٽي الائنس ملير جي آزاد اميدوارن چيئرمين يونس اي ڪي ، وائيس چيئرمين صدام بلوچ ، وارڊ 4 جي ڪائونسلر جميل ميمڻ ، سماجي اڳواڻن محمد عيسيٰ خاصخيلي ، ماسٽر نور احمد ۽ ماسٽر رحيم بخش سان گڏ ڪالهه هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ترديد ڪئي آهي ته هنن چونڊ وڙهڻ تان هٿ ناهي کنيو، هنن چيو ٓهي ته اسان خلاف طاقتور اقتداري ڌر سان لاڳاپيل اميدوار  ڪوڙي پروپگينڊا ڪري رهيا آهن ته اسان چونڊ وڙهڻ تان هٿ کڻي ويا آهيون جنهن جي اسان سختي سان ترديد ڪريون ٿا ۽ وچن ڪريون ٿا ته  پوري طاقت سان 23 آڪٽوبر تي مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺي عوام جي محبتن ۽ ووٽن سان ڪامياب ٿي ڏيکارينداسين هنن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته وڏو وزير چاهي ٿو ته 20 سالن تائين اليڪشن نه ٿئي ڇاڪاڻ ته انهن جي ڪارگردگي  خراب آهي ماڻهو هاڻ مزاحمت لاءِ تيار آهن جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن خود مختياري جي دعويٰ ڪري ٿو ته کيس هاڻ ڪنهن جي به ڳالهه تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي ۽ فوري طور تي 23 آڪٽوبر تي صاف شفاف اليڪشن ڪرائڻ گهرجن.