ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌجي 16 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن کان اڳ آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيئن ٿيون؟ اليڪشن ڪميشن جي نمائندي سنڌ حڪومت جا راز ڀري عدالت ۾ پڌرا ڪري ڇڏيا، عدالت چيف سيڪريٽري  ۽ مڪاني کاتي واري سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مڪاني چونڊن کان اڳ آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي لا آفيسر عبدالله هنجرا عدالت ۾ انڪشاف ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊن جو شيڊيول جاري ڪرڻ کانپوءِ به مقرريون ۽ بدليون ڪيون آهن ، اليڪشن ڪميشن انهي جو نوٽيس وٺي سنڌ حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا خط به لکيا،   سنڌ حڪومت ڪجهه آفيسرن جي بدلين جا آرڊر واپس ورتا، جڏهن ته ڪيترن آفيسرن جي بدلين جا نوٽيفڪيشن اڃا واپس ناهن ٿيا، ان موقعي تي درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته مڪاني چونڊون 15 جنوريءَ تي رٿيل آهن، انهي باوجود  سنڌ حڪومت اليڪشن قانونن جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي، ٻڌڻي دوران جسٽس يوسف سعيد چيو ته اسان صورتحال جي وضاحت لاءِ مڪاني کاتي واري سيڪريٽري کي گهرايون ٿا، جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته اسان جاچ ڪري رهيا آهيون ته آفيسرن کي ڇو بدلي ڪيو ويو آهي؟ سرڪاري وڪيل عدالت کان لکت ۾ جواب داخل ڪرڻ لاءِ مھلت گهري ورتي، جسٽس عدنان اقبال چوڌري ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا اڃا به مقرريون ۽ بدليون ٿيڻيون آهن؟ درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته صوبي ۾ آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون رد ڪيون وڃن، جنهن تي عدالت چيو ته اميد آهي ته سنڌ حڪومت هاڻي وڌيڪ بدليون نه ڪندي، عدالت چيف سيڪريٽري  ڊاڪٽر سھيل راجپوت، مڪاني کاتي واري سيڪريٽري ۽ ٻين کي ذاتي حثيت ۾ 4 جنوري تي طلب ڪري ورتو.