مڪاني چونڊون ۽ متبادل جو سوال

0
421
اک اک جو ڦير، چوڦير

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو بِگل وڄي چڪو آھي ۽ انجي پھرين مرحلي ۾ سنڌ جي چار ڊويزنن لاڙڪاڻو، سکر، شھيد بينظيرآباد ۽ ميرپورخاص جي چوڏھن ضلعن ۾  26 جون تي چونڊون ٿي رھيون آھن انھن چونڊن ۾ وڏو جوش و خروش نظر اچي رھيو آھي جنھن ۾ پيپلزپارٽي،جميعت العلماءِ اسلام،قومي عوامي تحريڪ، عوامي تحريڪ ،سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ،پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو، سنڌ ترقي پسند پارٽي ،عوامي ورڪرزپارٽي، تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم جا مختلف ڌڙا  حصو وٺي رھيا آھن.ملڪ جي ھڪ اھم سياسي پارٽي مسلم ليگ نواز ھن وقت به انھي چونڊ ميدان کان ٻاھرآھي جڏھن ته  پيپلزپارٽي مخالف روايتي اتحاد به سنڌ سطح تي اتحاد بڻائي ميدان ۾ ڪونھي جيڪوڪنھن وقت ۾ جي ڊي اي ۽ جنرل مشرف جي وقت ۾ ضلعن جي اتحادن جھڙوڪ لاڙڪاڻو اتحاد،دادو اتحاد  جي نالي سان سڃاتو ويندو ھو.موجودہ مڪاني چونڊن  ۾ سياسي پارٽين ۾  سڀ کان گهڻن اميدوارن جو تعلق پيپلزپارٽي سان آھي جيڪا گذريل 14 سالن کان سنڌ تي حڪمران آھي جڏھن ته گذريل مڪاني چونڊن ۾ به اھي بلدياتي ادارا ۽ انھن جون بجيٽون به پيپلزپارٽي سرڪار ئي استعمال ڪيون آھن.ھن اليڪشن ۾ جيئي سنڌ جو ڪو به گروپ ،ميدان ۾ ناھي ليڪن اھڙو ووٽ سنڌ  يونائيٽيڊ پارٽي جي اميدوارن سميت سندن روايتي سياسي حريف پيپلزپارٽي جي مخالف اميدوار کي ئي ملندو آھي.

توڙي جو سنڌ جي سياست جا ٻيا گروپ وڏا جلسا ميلا  ڪرائي عوام ۾ پنھجي سگهھ جو اظھار ڪندا رھندا آھن ليڪن اھي به ھيڏي غيرمعمولي عوامي سرگرمي کان ھن وقت ٻاھر آھن.اليڪشن جي اھم ڳالھه سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي متحرڪ  اڳواڻ زين شاھ جو ميدان ۾ نڪرڻ آھي جيڪو سنڌ جي ڪافي معاملن ۾ پيپلزپارٽي خلاف ڪافي وقت کان ميدان سجائيندو ۽ اليڪشن ۾ بيھڻ جي ڳالهھ ڪندو  پيو اچي ۽ ان سنڌ جي ڪجھه ضلعن جي ڪجھه علائقن ۾ سنجيدہ ٿي اميدوار بيھاريا آھن.اياز لطيف پليجو جي قومي عوامي تحريڪ به ڪافي حوالي سان سرگرم آھي ۽ ان به مختلف ضلعن ۾ 50 کان مٿي جاين تي اميدوار بيھاريا آھن .مولانا فضل رحمان جي يو آءِ جيڪا عمران جي نشاني تي اچي  ڪجھه نِستي ٿيل ۽ ڌڪيل  آھي انجي اميدوارن جون سرگرميون به شڪارپور ،جيڪب آباد ،ڪشمور لاڙڪاڻي ۽ گهوٽڪي  ضلعن تائين محدود آھن.سنڌ ۾ ڪجھه عرصي کان سنڌ جي اھم مامرن تي سرگرم عوامي ورڪرزپارٽي جي پليٽ فارم تان به 22 کان وڌيڪ اميدوار بيھاريا ويا آھن جن ۾ ڪجھه انگ عورتن جو به آھي جيڪي قبائليت ۾ ڦاٿل ڪشمورجھڙي پٺتي پيل علائقي  سميت قمبر شھداڪوٽ نوشھرو فيروز ۾ بيھاريون ويون آھن جنھن کي سوشل ميڊيا ۾ نه صرف پذيرائي ملي آھي بلڪه سوال اٿاريو ويو آھي ته اھي گروپ جيڪي جلسن ۾ سون جي تعداد ۾ عورتن جي شرڪت ڪرائين ٿا اھا عورت انھي چونڊ عمل کان ٻاھر ڇو آھي.پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو جا به ڪجهھ علائقن ۾ سندن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا  پاڪيٽ آھن جتي ھنن اميدوار بيھاريا آھن.ڪجھه علائقن ۾ ڄاڻايل سياسي گروپن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي،سنڌ ترقي پسند پارٽي،عوامي ورڪرزپارٽي گڏجي به اميدوار بيھاريا آھن.ھنن چونڊن ۾ سڀ کان جهجهو تعداد آزاد اميدوارن جو آھي جيڪي پنھنجي پنھنجي علائقي جي روايتي سياست کان تنگ ٿي ھٿين خالي ميدان ۾ لھي پيا آھن.

پيپلزپارٽي ھن وقت سنڌ جي سياست ۽ حڪومت جي اڪيلي مالڪ آھي جنھن وٽ گذريل 14 سالن کان وڌيڪ عرصو حڪمراني رھي آھي جنھن کي بظاھر ڪو مضبوط سياسي چئلينج ڪونھي  ٻي ڪنھن سنجيدہ مضبوط سنڌ گير مخالف نه ھجڻ ڪري اھا نه  صرف مچي مواڙ ٿي آھي بلڪه جن ماڻھن جا پوليس ڪورٽ ڪچھري ۾ روز جا ڪم ھجن ٿااھي به ٻي ڪا واھه نه ڏسندي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيا آھن جنھن جو سلسلو اڃا به جاري آھي اھڙي عوام مخالف ڀوتارڪي  سياست کي وري موجودہ وقت جي پيپلزپارٽي پسند به ڪري ٿي ۽ کيس وارو به کائي ٿي  انڪري ھر ضلعي،تڪ علائقي ۾ نه صرف  ميمبر قومي صوبائي اسيمبلي پيپلزپارٽي ۾ آھي بلڪه ووٽن جي حساب سان ٻئي نمبر تي ايندڙ اميدوار به مسلم ليگ نواز،تحريڪ انصاف،فنڪشنل ليگ ۽ جي ڊي اي کي ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي چڪا آھن.فارم ڀرائڻ جي آخري تاريخ تي اھڙا اطلاع به آھن ته پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙھندڙ ڪجهھ يونين ڪائونسلن ۾ پوري جو پورا پينل بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آھن.

نتيجي ۾ بلدياتي چونڊ ۾ ڪنھن مخالف سگهاري آواز جا در دريون ئي بند ڪرڻ جي ڪوشش ٿي آھي ليڪن ايتري وڏي ڪوشش باوجود پيپلزپارٽي سڀني کي خوش رکڻ جي پوزيشن ۾ ناھي جنھن جي ڪري مختلف جاين تي پيپلزپارٽي جا ڪارڪن بغاوت ڪري آزاد اميدوار بڻجي اليڪشن وڙھي رھيا آھن. ساڳي صورتحال ڀوتارن،برادرين جي چڱن مڙسن جي به آھي ڇو ته ھر ڪنھن کي راضي ڪرڻ به پيپلزپارٽي جي وس ۾ ناھي انھي جو مجموعي نتيجو اھو نڪتو آھي ته پيپلزپارٽي خود پريشان آھي ڇو ته ناراض ڪارڪن، ڀوتار، برادرين جا چڱا مڙس  ڪجھه ھڙ حاصل نه ٿيندي آزاد اميدوارن سميت ٻين پارٽين جي اميدوارن سان ھٿ ملائي رھيا آھن.وارڊن ۽ يونين ڪائونسلن جا تڪ ننڍا ھجڻ ڪري ڪا ھڪڙي برادري به ھڪ جاءِ تي ووٽ ڪرڻ جي لائق ناھي ان ڪري گهر گهر جهيڙو آھي ۽ برادريون به مختلف حصن ۾ ٽٽي پيون آھن جنھن جو فائدوبه پيپلزپارٽي مخالف اميدوارن کي ٿي سگهي ٿو ڇوته  پيپلزپارٽي ته برادرين جي چڱـن سان اتحاد ڪيو آھي جنھن تي عمل نه ٿي رھيو آھي.پيپلزپارٽي مخالفن  کي صرف نئين سر صف بندي ڪري پاڻ ۾ جُھٽ ٿي بيھڻو آھي جنھن جا نتيجا پيپلزپارٽي جي اميدن جي ابتڙ ۽ حيران ڪن طور تي مختلف به ٿي سگھن ٿا.

پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ھن وقت اسٽيٽس ڪو جي جماعت آھي جنھن ارڙھين ترميم کان پوءِ  غير معمولي طور وڏي رقم حاصل ڪرڻ باوجود سنڌ جي  ماڻھن جا مسئلا حل نه ڪيا آھن.سنڌ جو شھر سجاول يا گهوٽڪي ،جوھي ھجي يا جاتي ،لاڙڪاڻو ھجي يا حيدرآباد انھن جا حال خراب آھن.ھر شھر گندگي  جو ڍير بڻيل آھي،شھر ۾ گندي پاڻي جي نيڪال جون ناليون ڪونھن جيڪڏھن آھن ته نيڪاس جو ناڪارہ نظام ھئڻ ڪري نالين ۽ گٽرن جو پاڻي روڊن تي وھي رھيو آھي.برسات رحمت بجاءِ سنڌ جي شھرن لاءِ زحمت بڻيل ھوندي آھي.صفائي جو نالو نشان ڪونھي جڏھن ته ڪنھن به شھر ۾ ننڍڙو پارڪ ملڻ به مشڪل ٿي ويندو.روڊن تي قبضا آھن ۽ نيڪال جي نالين تي ماڻھن قبضا ڪري پنھجا ڪاڪوس ٺاھي ڇڏيا آھن.

ايڏي کُلي ڇوٽ آھي جو ماڻھوپنھجي  گهر جي آڏو ڏاڪڻ،ڪار داخل ڪرڻ لاءِ سلوپ ، روڊ تي ئي  ٺاھڻ پنھنجو حق سمجھن ٿا ۽ پوءِ ان کي وڌائيندا ئي رھن ٿا جڏھن ته پيپلزپارٽي جا وس وارا جيڪي ئي اصل ۾ ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڪامورن کي ھلائين ٿا ووٽ جي لالچ ۾ ووٽر سان ايتري محبت ڪن ٿا جو کين شھر ۾ قبضا گيري تي اُف به نٿو چيو وڃي.ميونسپل ڪاميٽين ٽائون ڪميٽين ۾ پروفيشنل صفائي جي عملي جي بدران سفيد پوش  ڀرتي ٿيل آھن جيڪي صرف پگھار کڻندا آھن  ۽ انھي رشوت جي عيوض انھن ماڻھن جي زبان بندي ٿيل آھي.اھي ئي آخرڪار پيپلزپارٽي جي جلسن جلوسن ۾ حاضري لڳرائيندا آھن.ھر ٽائون ميونسپل ڪميٽي ۾ لائبريريون ھونديون ھيون جيڪي ھن وقت صرف ڪاڳرن ۾ آھن.مڪاني ادارن سان اھڙي ويڌن ڪندڙ پيپلزپارٽي لاءِ ھي اليڪشن کٽڻ ،مستقبل ۾ انجا فنڊ ايندڙ عام چونڊ  ۾ استعمال ڪرڻ ضروري آھي جنھن جي ڪري ئي  سنڌ جي قائم مقام گورنر يعني اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سراج دراني جھڙو ماڻھو شڪارپور ۾ يونين ڪائوسل سطح تائين جوڙ توڙ ۾ متحرڪ آھي.ھي اھو ماڻھو آھي جنھن جي واتان  ووٽ تي مُٽڻ جي ڳالھه رڪارڊ تي آھي ۽ سنڌ ۾ پٺاڻن جي آبادڪاري کي پنھنجي سياست جي فائدي ۾ سمجھي ٿو.

انھي پيش منظر ۾  نه صرف اليڪشن ۾ بيھي انھي اسٽيٽسڪو کي چئلينج ڪرڻ جي ضرورت آھي.سنڌ ۾ اسٽيٽسڪو جي پارٽي پيپلزپارٽي کي ڪنھن پروگرام ۽ منشور تحت ئي چئلينج ڪجي جيڪو يقيني طور ڪنھن سياسي پارٽي جو ڪم آھي ۽ بھتر چوائيس ته پارٽي بنياد تي اليڪشن وڙھڻ آھي ليڪن انھي چوائيس جي غيرموجودگي ۾ چونڊ نه وڙھڻ غلطي مٿان ھڪ ٻي غلطي آھي.ھڪڙو مضبوط امڪان موجود آھي ته آزاد حيثيت ۾ چونڊ کٽيندڙ وريبه ٻئي مرحلي يعني ميونسپل،ٽائون ڪميٽين جي ميئر،چيئرمين ۽ مخصوص سيٽن جي چونڊ ۾  وڏي سياسي ڌر پيپلزپارٽي جو حصو ۽ اتحادي ئي ٿيندا ليڪن ڪجھه نه ڪجھه  ڳالهھ  به اڳتي ٿي پوندي ۽ ڪجھه روايتي مدي خارج ماڻھو نطام مان تڙجي ويندا. جيڪڏھن اسٽيٽس ڪو نٿو ٽُٽي ته پوءِ ٻي صورت انتھائي خطرناڪ آھي جيڪڏھن روايتي سياست،ڀوتار چئلينج نه ٿيا  اليڪشن کٽي ويا ته پوءِ ڪارائتي مخالف ڌر جي غيرموجدگي ۾  بلديادتي ادارن جا فنڊ ايندڙ 2023ع جي عام چونڊ ۾ اسٽيٽسڪو جي  پارٽي من ماني سان  استعمال به ڪندي ۽ سنڌ جو وڌيڪ خانو خراب به ڪندي.

عمران خان جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ ته اھو واضح به ٿي ويو آھي ته پيپلزپارٽي سميت اھي سموريون روايتي پارٽيون ڪنھن به صورت ۾ عوام جو حال ڀائي ٿي عالمي مالياتي ادارن جي چنگل ۽ شرطن شروطن کان ٻاھر نڪرڻ لاءِ تيار ناھن.ان ڪري متبادل ڳولڻ ۽ ان تي مٿي ڪُٽ ڪرڻ  بجاءِ روايتي اسٽيٽيس ڪو کي ٽوڙڻ،چئلينج ڪرڻ  ئي نئون متبادل آھي جنھن منجھان ئي بھتري جي اميد پيدا ٿي سگھي ٿي.ھونئن به  1970ع ۾  “ٿيسز” يعني  روايتي سياست خلاف “اينٽي ٿيسز” جي عمل ۾ “سئنٿيسز ” جي شڪل ۾ پيپلزپارٽي نمودار ٿي ھئي . نئين دور ۽ حالتن  کي ، وقت کائي ڍونڍ ٿي  ويل  پيپلزپارٽي جي مدمقابل ٿيندڙ “اينٽي ٿيسز” يعني نواڻ  جي گهرج آھي ته جيئن ھڪ نئين “سينٿيسز” ٿئي نئين شيءَ جڙي ۽ سنڌ ڪنھن تبديل ٿيل بھتر دنيا ۾ داخل ٿئي.عام چونڊن ۾ اھا ۽ اھڙي ڪارگذاري ٿيڻ ته شايد ويجهڙائي ۾  ڪونه ڏني ويندي ليڪن مڪاني چونڊ جو ميدان وڏو آھي متان ڪا بھتري جي اميد نڪري اچي . ڪجھه باشعور نوجوان ،ڪجھه سمجھدار عورتون ڪجھه سنجيدہ قوتون  اڳتي اڀري ڪنھن نئين متبادل لاءِ ماحول سڻائو بڻائي وجھن اھو به گهٽ لاڀ ناھي ليڪن شرط ھڪڙو آھي ته  کٽڻ ھارائڻ کان بي پرواھ ٿي اسٽيٽسڪو کي چئلينج ڪجي بيھي رھجي  اڃ نه ته ٻئي مرحلي ۾ وقت ضرور ڦيرو کائيندو.