مڪاني چونڊون: ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي کي برتري، پي ٽي آءِ کي ڌچڪو

0
245
مڪاني چونڊون: ڪراچي

ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين ضلعن مان مڪاني چونڊن جا نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن ۾ ڪراچي جي 246 يوسيز مان 71 يوسيز جا نتيجا سامهون آيا آهن، جن ۾ پيپلزپارٽي 37  يوسيز سان گڏ پهرين، پي ٽي آءِ 14 سان گڏ ٻئي ۽ جماعت اسلامي 14سيٽن سان گڏ ٽئين نمبر تي آهي

ڪراچي ۾ هڪ هڪ سيٽ جي يو آءِ ف ۽ هڪ تحريڪ لبيڪ کي ملي آهي، جڏهن ته  ڏکڻ ضلعي جي چيئرمين جا نتيجا مڪمل ٿي ويا، جنهن ۾ 26 مان 15 يونين ڪميٽيز تي پيپلزپارٽي ۽ 9 تي تحريڪ انصاف ڪامياب ٿي آهي، ڏکڻ ضلعي ۾ هڪ سيٽ تي تحريڪ لبيڪ جو پينل چونڊجي ويو آهي ۽ هڪ سيٽ تي چونڊ ملتوي ٿي وئي آهي

ملير ۾ غير حتمي نتيجن موجب  30  يونين ڪميٽين مان پ پ 24  تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، ملير جي ٽن يونين ڪميٽين تي پي ٽي آءِ ۽ ٽن يونين ڪميٽين تي جماعت اسلامي جا اميدوارڪامياب ٿيا

ٺٽي ۾ به مڪاني چونڊن جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، ٽائون ڪميٽي ميرپور ساڪرو تي پ پ کي شڪست  ملي آهي

ٽن سيٽن مان 2 سيٽون آزاد اميدوار اقبال خاصخيلي ٻهاري ويو ، يوسي ٻهارا ۾ چيئرمين جي سيٽ تي  به پيپلز پارٽي کي شڪست ملي آهي، آزاد اميدوار محمد خان  ڪنڀار 21 سئو 13  ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو،  پ پ اميدوار ظفر سومرو 1771 ووٽ حاصل ڪيا

هي به پڙهندا

🔴live| مڪاني چونڊ: غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا

مڪاني چونڊ: حيدرآباد شهر جي چئن يوسيز جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن تي پ پ اميدوار سوڀارا