ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي 16 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو جلد ڪرائڻ بابت جماعت اسلامي  ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، صوبائي اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت ڄاڻي واڻي تڪبندين واري معاملي ۾ دير ڪري رهي آهي، جڏهن ته مڪاني ادارن جو مدو پورو ٿيڻ جي 120 ڏينهن اندر مڪاني چونڊون ڪرائڻيون هونديون آهن، اليڪشن ڪميشن کي تڪبندين جي ڪا پرواهه ناهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف پاران مڪاني چونڊون روڪڻ بابت درخواستون داخل ڪيون ويون هيون، جيڪي پڻ رد ٿي چڪيون آهن، اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو وڃي ته مڪاني چونڊن جي تڪڙي تاريخ جو اعلان ڪري، نئين سر بيلٽ پيپر ڇپرائي،سياسي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب جي جاءِ تي غير جانبدار ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو وڃي. ٻئي طرف حافظ نعيم الرحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان مڪاني چونڊون وقت سر ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي، جيڪي ماڻهو چونڊن کان فرار جو رستو اختيار ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي فرار جو رستو نه ڏنو وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت مختلف آبادين ۾ چئي رهي آهي ته اسان کي ووٽ نه ڏيندا ته فنڊ نه ڏينداسين، جڏهن ته ووٽن لاءِ  پوليس کي به استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان جو اهو به مطالبو آهي ته سمورين پولنگ اسٽيشنن تي آرمي ۽ رينجرز کي مقرر ڪيو وڃي.