مڪاني چونڊون پرامن ڇو نه ٿي سگهيون؟

0
155
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اهو ئي ٿيو جنهن جو ڊپ هو ۽ اسان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي اهو خدشو ظاهر ڪيو هو ته جيئن ته مڪاني چونڊون هيٺين سطح تي اثر انداز ٿينديون آهن تنهن ڪري انهي ۾ گهر گهر گهٽي گهٽي ۾ جهيڙي جو خطرو هوندو آهي انهي ڪري اهي چونڊون ڪرائڻ وقت انتظام به اهڙي سطح جا ٿيڻ گهرجن ته جيئن ڪنهن وڏي رتوڇاڻ يا جهيڙن کان بچي سگهجي.پر اهو ئي ٿيو انتظامن جي کوٽ چئجي يا پوليس طرفان پنهنجو ڪردار سهي نموني ادا نه ڪرڻ سبب جتان ڪٿان جهيڙن جون خبرون آيون. انهن جهيڙن ۾  ٻن ماڻهن جون حياتيون هلي ويون ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. جڏهن ته  بيلٽ باڪس چورائڻ ،عملي کي يرغمال بڻائڻ ،بااثرن جي پولنگ اسٽيشن اندر بنا روڪ ٽوڪ اچ وڃ ۽ ٻيون شڪايتون عام هيون جن انهي چونڊ عمل کي نه رڳو مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو پر عوام جو چونڊن ۽ شفاف چونڊن تان ارواح به کڻائي ڇڏيو. اليڪسن ڪميشن ۽ حڪومت جو اهو ڪم هو ته پرامن ماحول ۾ چونڊن ڪرائڻ لاءِ بندوبست ڪن ها پر اليڪشني ماحول کي ڏسي لڳي نه ٿو ته اهي پنهنجو فرض پورو ڪرڻ ۾ مڪمل طور ڪامياب ٿيا آهن. اليڪشن جي پهرين مرحلي ۾  جيڪي جهيڙ اٿيا آهن اهي اليڪشن جي ٻئي مرحلي تي به اثرانداز ٿيندا ۽ اهي جهيڙا برادرين جي  دشمنين ۾ تبديل ٿي ويندا ڇاڪاڻ ته جهيڙا اهڙي علائقن ۾ ٿيا آهن جتي قبيلن ۽ برادرين تي ڀاڙيو ويندو آهي جو نظام زور آهي ۽ مڪاني چونڊن ۾ گهڻو ڪري برادريون ئي وڏي تعداد ۾ اثرانداز ٿينديون آهن.

اسان وٽ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته اليڪشن ماڻهو ذاتي دشمني سمجهي وڙهندا آهن جڏهن ته اهو هڪ صحتمند سماجي ۽ سياسي عمل آهي پر  ماڻهو انهي کي  پنهنجي ذاتي هار يا جيت سمجهندا آهن جنهن ڪري اهي پُوءِ هر حربو استعمال ڪرڻ جي ڪُوشش ڪندا آهن.جيڪو جتي طاقتور هوندو آهي اهو اتي اها پنهنجي طاقت ڏيکاريندو آهي.  ايئن لڳندو آهي اليڪشن ڪميشن جا قانون ضابطا۽ پوليس جي نفري به ڄڻ انهن جي مدد لاءِ هوندا آهن جڏهن ته اهي شيون اصل ۾ ڪنهن طاقتور جي سامهون اليڪشن وڙهندڙ ڪمزور اميدوار کي طاقتور اميدوار جي برابر حيثيت ڏيارڻ لاءِ هوندا آهن ۽ عوام جي ووٽ کي شفاف ۽ درست نموني استعمال ڪرڻ لاءِ مددگار ٿيندا آهن ته جيئن ڪير انهن جو غلط يا ڏاڍ ذريعي استعمال نه ڪري سگهي.ٻيو وري اسان وٽ جمهوري رويا مضبوط نه هئڻ ڪري جمهوريت جي بنياد ووٽ کي ئي طاقت جي ذريعي استعمال ڪرڻ جا عادي ٿي ويا آهيون جنهن ڪري ئي اڪثر اليڪشنن ۾ اهي جهيڙا جهٽا ،ڦڏا فساد  نظر ايندا آهن.مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ٿيل چونڊن ۾ به سڄو ڏينهن اهو ئي نظر آيو جيڪو جتي ڏاڍو هو سو اهو پنهنجي طاقت استعمال ڪري رهيو هو جنهن ڪري اڪثر پولنگن تي جهيڙا نظر آيا جنهن ڪري انهي اليڪشن تي ڪيترائي سوال اٿي رهيا آهن. هڪ طرف جاني نقصان ٿيو آهي ته ٻئي طرف جهيڙن ۾ پولنگ جي عمل جي رڪجڻ،بيلٽ باڪس کسجڻ جي واقعن ۽ عملي جي يرغمال ٿيڻ وارن واقعن  جمهوري عمل کي به نقصان پهچايو آهي.ڇاڪاڻ انهن جهيڙن ۽ فائرنگ جي واقعن ڪري يا ته ووٽنگ جو عمل سست  ٿيو يا وري اڪثر ووٽر ڊپ سبب گهرن کان ٻاهر ئي نه نڪتا  ۽ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو جنهن ڪري ٽرن آئوٽ اڪثر هنڌن تي گهٽ رهيو.

اسان سمجهون ٿا ته ڪالهوڪيون چونڊون ڪيترائي سوال ڇڏي ويون آهن ته آخرڪار سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن انهن جهيڙن کي روڪرائڻ ۾ ڇو ڪامياب نه ٿي سگهيون.اهڙو ماحول ئي ڇو ٺهيو جو هر پولنگ اسٽيشن تان شڪايتون  اچي رهيون هيون؟اڃا ٻيو مرحلو به رهيل آهي تنهن ڪري سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن انهن جي سببن تي غور ڪري  اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ اڳواٽ اپاءُ وٺن جيئن مٿن تنقيد نه ٿئي ۽ پوليس ڪنهن جي ونگار وهڻ بدران امن امان برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.