ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) مڪاني چونڊون پنهنجي وقت تي ئي ٿينديون، سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ دفعو ٻيهر ايم ڪيو ايم جي درخواست رد ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي درخواست تي حتمي فيصلو ٿيڻ تائين مڪاني چونڊون روڪڻ لاءِ فوري درخواست جي ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ڪورم بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست اڳ ۾ ئي رد ڪري چڪي آهي،  سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد بابت درخواست ۾ ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊون روڪڻ جي به درخواست ڪئي هئي، جڏهن ته عدالت ايم ڪيو ايم جي ٻي درخواست به رد ڪري ڇڏي ھئي، سپريم ڪورٽ وڃڻ بدران نئين درخواست داخل ڪئي وئي، هي درخواست قابل قبول ناهي،  جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي پهرين ۽ ٻئي مرحلي جي نوٽيفڪيشن تي به فيصلو اچي چڪو آھي، ايم ڪيو ايم وٽ هاڻي صرف سپريم ڪورٽ جو فورم آهي، جنهن تي ايم ڪيو ايم جي وڪيل طارق منصور چيو ته اليڪشن جي  پھرين ۽ ٻئي مرحلي کي چئلينج ڪيو ويو آهي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ  جي جواب تي عدالت کي مطمئن ڪندس، اليڪشن ڪميشن جو ڪورم 25 جولاءِ 2021ع کان پورو ناهي، جنهن دوران اليڪشن ڪميشن جا جاري ڪيل سمورا نوٽيفڪيشن غير قانوني آهن، جنهن تي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته ڇا توھان پھرين مرحلي کي به غيرقانوني قرار ڏيڻ چاھيو ٿا؟ ايم ڪيو ايم وڪيل چيو ته جي بلڪل، اهو سمورو عمل غير قانوني آهي، عدالت طارق منصور کان پڇاڻو ڪيو ته توهان وٽ وڌيڪ ڪهڙا دليل آهن؟ جنهن تي طارق منصور چيو ته مونکي ٻڌو ته وڃي، عدالت چيو ته ڪالهه توهان کي هڪ ڪلاڪ ڏنو، اڄ  ايڊووڪيٽ جنرل پنجن منٽن ۾ پنهنجا دليل مڪمل ڪيا، توھان کي وڌيڪ وقت نٿا ڏئي سگھون، جنهن تي ايم ڪيو ايم جي وڪيل چيو ته هي 22هين ترميم جي ڀڃڪڙي آهي، جسٽس محمد اقبال چيو ته توهان ڪالهه به اهي ئي دليل ڏئي چڪا آهيو، وڌيڪ مهلت نٿا ڏئي سگهون، عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي پنجن ميمبرن بدران ٽن ميمبرن شيڊيول ڪيئن جاري ڪيو؟ جنهن تي ايڊوڪيٽ جنرل چيو ته انهي جو جواب اليڪشن ڪميشن  سنڌ ڏيندي، عدالت چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل صاحب! مهرباني ڪري وضاحت ڪريو، ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي نمائندي چيو ته  ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي دليلن سان متفق آهيان، دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدالت ايم ڪيو ايم جي درخواست ھڪ دفعو ٻيھر رد ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ڪورم تي اعتراض بابت درخواست جو تفصيلي فيصلو بعد ۾ ڏنو ويندو، واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم جون ٻئي درخواستون رد ڪري ڇڏيون هيون.