مدئجي (ن پ ا) وقتي گورنر سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني مدئجي ڀرسان ڳوٺ فقيرپور پهچي سينيئر صحافي ايوب بروهي سان روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل سندس ڀاڻيجن عرفان بروهي ۽ شڪر  بروهي جي  وفات تي تعزيت ڪري ڏک جو اظهار ڪيو.ان  موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته سنڌ ۾ ڪا به اليڪشن ناهي، سنڌ پيپلزپارٽي جو گهر آهي، بلدياتي اليڪشن برادري جي اليڪشن آهي، جنهن ۾ هر ڪنهن کي حق آهي ته هو اليڪشن ۾ حصو وٺن پر چونڊن ۾ ڪامياب پيپلزپارٽي جا ئي اميدوار ٿيندا. هن وڌيڪ چيوته شهيد راڻي بينظير ڀٽو زنده هجي ها ته ملڪ ۾ اهڙي صورتحال نه هجي ھا، شهيد بيبي جي سالگرھ جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کي ڏسي مخالفن کي خبر پئجي وئي ته سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي سان گڏ آهي. هن وڌيڪ چيوته شهيد راڻي جي فرزند چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان پاڪستان جي عوام  ۾ اميدون آهن ته اهو ئي غريب مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن کي حق وٺي ڏئي سگهي ٿو ۽ ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهي ٿو, ان موقعي تي ساڻس گڏ آغا جاويد دراني، بابو دراني، اسد بابڙ، اسلم دراني ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.