نوشهروفيروز (رپورٽر) سماجي اڳواڻن مڪاني توڙي عام چونڊن ۾ عورتن جي شموليت کي اھم قرار ڏيندي سياسي پارٽين تي زور ڀريو آهي ته چونڊن ۾ عورتن کي عام سيٽن تي ٽڪيٽ ڏني وڃي. پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ اينڊ انٽر پرينيوئر شپ پاران سائوٿ ايشيا پارٽنر شپ پاڪستان ۽ عورت فائونڊيشن جي سھڪار سان جذبا پروجيڪٽ تحت مختلف سماجي اڳواڻن ڀٽ شاھ ڪوآرڊينيشن جي اختيار حسين تنيو، امتياز حسين شاھ بخاري، مظفر حسين تنيو، مختيار حسين تنيو ايڊووڪيٽ ۽ ٻين چيو ته عورتن کي خود مختيار بڻائڻ جي ضرورت آھي جنھن ڪري تربيت ۽ سياست ۾ عورت جي شرڪت تي ڪم ڪري رھيا آھيون. ھنن چيو ته صوبائي حڪومتن تي چونڊن ۾ سڌارا آڻڻ پريشر وڌو وڃي. ھنن چيو ته مقامي ڪائونسلن ۾ عورت جي شموليت اھم آھي. ڇاڪاڻ ته اسان جي آبادي جو وڏو حصو عورت فيصلا سازي کان ٻاھر آھي. جنھن ڪري سياسي پارٽين تي فرض آھي ته چونڊن ۾ عورتن کي جنرل سيٽن تي بيھارين ۽ ھارياڻين، مزدور ۽ پروفيشل عورتن کي به عام ٽڪيٽون ڏئي، عورتن جي سياست ۾ حقيقي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي.