مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کان عوام جو سخت پڇاڻو، وڊيو وائرل

0
226

ڪراچي: سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جي موقعي تي ووٽرز طرفان اُميدوارن کان سخت پُڇاڻن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي

مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اُميدوارن لاءِ چونڊ مهم هلائڻ هڪ چئلينج بڻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ووٽرز اميدوارن کان سخت پڇاڻي سان گڏ وڊيوز ڀري سوشل ميڊيا تي به رکي رهيا آهن

 نوشهروفيروز، فيض گنج، لاڙڪاڻو ۽ قاضي احمد سوڌو ٻين شهرن ۾ اُميدوارن کان پُڇاڻن جون وڊيوز سامهون اچي ويون آهن

وڊيو ۾ ڏسي عوام کي اميدوارن کان سخت پڇاڻو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، اميدوار کين وڊيو رڪارڊنگ بند ڪرڻ لاءِ ايلاز به ڪري رهيا آهن